شرميلا فاروقي

شرميلا فاروقي

شرميلا فاروقي

شرميلا فاروقي: ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ شرميلا فاروقيءَ، پهرين جنوري 1978ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. شرميلا فاروقيءَ جي ڏاڏاڻي خاندان جو تعلق پٽيالا (ڀارت) ۽ ناناڻي خاندان جو تعلق ٺٽي سنڌ جي عقيلي خاندان سان آهي. شرميلا عثمان فاروقيءَ جي ڌيءَ آهي. جيڪو پاڪستان اسٽيل ملز جو چيئرمئن رهي چڪو آهي. شرميلا فاروقي، ڪراچيءَ جي اداري ايڊمسن انسٽيٽيوٽ آف بزنس ائڊمنسٽريشن مان ايم. بي. اي ڪئي آهي، ان کان سواءِ ‘ماسٽرس آف لا’ جي ڊگري به حاصل ڪئي اٿس. نوازشريف جي اڳوڻي حڪومت دوران مختلف معاملن تي ڪجهه عرصي لاءِ شرميلا فاروقيءَ کي جيل موڪليو ويو هو.
شرميلا فاروقيءَ سيپٽمبر 2008ع کان جنوري 2011ع تائين وڏي وزير جي ٽيم جي ميمبر، صلاحڪار ۽ قيصر بنگاليءَ سان گڏ وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي ميمبر پڻ رهي چڪي آهي. قائم علي شاهه جي وزارت اعليٰ ۾، ثقافت، آرڪائيوز ۽ نوادرات کاتي جي صلاحڪار طور ذميواريون نڀائي چڪي آهي. 2016ع ۾ نيب طرفان کيس ڪرپشن جي الزام ۾ 21 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.01.01  عيسوي

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ شرميلا فاروقيءَ، پهرين جنوري 1978ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿرڙي سنجر ڀٽي
احمد محمد قاضي
زرداري سائينداد خان
ابوالفضل بن طاھر ٺٽوي
انور عباسي
اعتزاز احسن
اوباما بارڪ
علامي محمد ٺٽوي
جکراڻي عبدالحق
ڀڳت هاسارام پنجواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون